احمد حسين ايم ٽالپر(احمد ٽالپر)
شاعر، اديب، صحافي، تاريخدان ۽ ايڇ آر سي پي جو ميمبر.
جنم: 3 مارچ 1993ع
وفات: 12 ڊسمبر 2015
تخلص: احمد ٽالپر
لکيل شاعري جا ڪتاب: 20+
لکيل تاريخون: 3
سنڌ جي تاريخي تعلقي ڪوٽڏجي جي ضلعي خيرپور ميرس جي هڪ ڳوٺ
ٽالپر وڏا ۾ 3 مارچ 1951ع ۾ جنم ورتو. احمد ٽالپر شاعر، اديب ۽ صحافي هيو ۽ هن هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان(HRCP) جي سنڌ جي
ضلعي خيرپور ميرس جي نمائيندگي ڪئي. سائين احمد ٽالپر ادب جي هر صنف، نثر توڙي نظم
تي لکيو.
سندس شاعري ماهوار سهڻي، ٽماهي مهراڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن
۾ ڇپجندي رهي ۽ وقت به وقت سندس مضمون، مقالا ۽ ڪهاڻيون وغيره مختلف رسالن ۽
اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون. ان کانسواءِ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان(HRCP) جي رسالي
“ساحل” ۾ ڪارو ڪاري جهڙي جاهلي رسم ۽ سنڌ خاص ڪر خيرپور ميرس ۾ ٻارن ۽ عورتن تي
ٿيندڙ جنسي ڏاڍاين ۽ تشدد خلاف لکندي رضاڪاراناطور خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ان سان
گڏ روزاني اخبار“عبرت” جا نمائنده به رهيا.
ادبي کيتر جي هِن مهاقلمڪار جو هڪ شاعريءَ جو مجموعو“ويندا
لوهہ لهي” ۽ تاريخي ڪتاب “سنڌ تي عربن جي ڪاهہ” ڇپائي هيٺ آهن.
هن مهاقلمڪار صحافي ۽ هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان(HRCP) جي ضلعي
خيرپور جي نامانگار 12 ڊسمبر 2005ع مطابق 9 ذوالقعد 1426هه تي بروز سومر ڏينهن ڪراچي اسپتال ۾ 56 سالن جي ڄمار ۾
وفات ڪئي.
1 comments:
سائين احمد ٽالپر منهنجو دوست رهيو جنهن جي ساراهہ جيتري ڪجي اوتري گهٽ آهي سائين جن جو ادب شاهہ عبدالطيف، سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز جي ڪلاس جو آهي ۽ اڄ ڪلهہ جي زماني ۾ اهڙي شاعري هجڻ ناممڪن آهي. سائين ڀلين اڄ اسان سان گڏ نہ آهي پر سندن ادب ۽ شاعري جي ڪري قيامت تائين اسان جي دلين ۾ زنده رهندو
Post a Comment
Thanks for your comment