Ads 468x60px

Dargah Sufi Jalal Faqeer

Dargah Sufi Jalal Faqeer

درگاه صوفي جلال فقير
Location: Main Talpur Wada Street near Talpur                        Mohalla.
Saints: 
  • Jalal Hussain Talpur (Poet)
  • Ali Mohammed Talpur (Poet)
  • Ameer Hussain Talpur (Former Gaadi Nasheen)
Gaadi Nasheen: Ustaad Niaz Hussain Talpur
Caretaker: Mazhar  Ali Talpur

Developed: 30-40 years ago(Expected)
View of Dargah from fields (side: ES)



Ameer Hussain Talpur امير حسين ٽالپر:(Died:Saturday 9th January 2016 due to heart fail)
Occupation: Teacher(Primary School)
Relation with Jalal Hussain: Ameer Hussain was grandson of Jalal Hussain Talpur
Relation with Ali Mohammed: Ameer Hussain was elder son Ali Mohammed


صوفي جلال فقير ٽالپر

، 1220هه/1805ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽالپر وڏا، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي ڳوٺ جي مدرسي مان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. سندس مائٽ زميندار ۽ خوشحال ماڻهو هئا، پر هن جي دل انهن ڳالهين سان گهٽ لڳندي هئي. ننڍي هوندي کان ئي سندس طبيعت فقيري واري هوندي هئي. هن شاعريءَ جي شروعات ننڍي هوندي کان ئي ڪئي. هيءُ ڪنڊڙيءَ وارن فقيرن مان ”دريا خان“ فقير جو صحبتي ۽ معتقد هو، پوءِ هن تجل شريف جهوڪ شريف ۽ راجپوتانا جا پنڌ ڪيا. چيو وڃي ٿو ته جتي به ويو اتي ڪا نه ڪا ڪرامت ڏيکاريندو رهيو. جلال فقير ٽالپر اڳتي هلي وڏي درجي تي پهتو، ايتري قدر جو سندس ڪيترائي ماڻهو مريد ٿي پيا. محترم نياز همايونيءَ موجب ڪنڊڙيءَ وارن درويشن جا ٿر ۽ راجپوتانا ۾ ماڙيچا هندو توڙي مسلمان مريد هئا. اهڙيءَ طرح جلال فقير جا پڻ انهيءَ پاسي گهڻا عقيدتمند ٿي پيا. جوڌپور ۽ جيسلمير جي راجائن جا پروانا پڻ سندس مهرن سان چمڙيءَ جي ٽڪرن تي چنبڙايل ڪاغذن ۽ گرمکي، شاستري اکرن ۾ فقير صاحب جي پوين وٽ اڃا تائين موجود آهن. ڪن جي چوڻ موجب صوفي جلال فقير ٽالپر ٿر جي ويران ڀٽن تي ڪيترائي ڏينهن مراقبي ۾ ويٺو هوندو هو. ساڻس ماني ۽ پاڻي وغيره به بلڪل نه هوندا هئا. وٽس فقط کارڪون هونديون هيون، جن مان روزانو کارڪون کائي گذارو ڪندو هو. وٽس ڪي مريد يا ٻيا ماڻهو گهڻو ڪجهه کڻي ويندا هئا. پر هي وٽانئن سواءِ پاڻيءَ جي ٻيو ڪجهه ڪين وٺندو هو. دنيا جي هر لالچ کان پاسيرو رهندو هو. هر ساهه واري شيءِ کي تڪليف پهچائڻ وڏو گناهه سمجهندو هو. اهو ئي سبب هو جو وڏن وڏن سفرن ڪرڻ جي باوجود هن فقير ڪڏهن به وهٽ تي سواري نه ڪئي. بلڪه ٻين کي به جانورن تي سواري ڪرڻ ۽ کانئن ڪو به ڪم وٺڻ کان سختي سان منع ڪندو هو. هن هڪ سئو سالن کان وڏي ڄمار ۾ سن 1329هه/1911ع ۾ وفات ڪئي.

Source of this article on Jalal Faqeer is unknown if know please tell us


Dargah Sufi Jalal Faqeer | Official Facebook Page

0 comments:

Post a Comment

Thanks for your comment